جمعيت المشائخ پاڪستان

جمعيت المشائخ پاڪستان: مشائخن ۽ عالمن جي هڪ جماعت، جيڪا بنيادي طور تي سياسي نوعيت جي جماعت آهي. هن جو بنياد 25 جون 1979ع تي لاهور ۾ وڌو ويو. ان اجلاس ۾ پاڪستان جي چئني صوبن مان 400 کان وڌيڪ مشائخن، عالمن شرڪت ڪئي هئي، ان اجلاس جي صدارت ديوان قطب الدين پاڪ پتن واري ڪئي هئي. ان اجلاس ۾ ديوان صاحب کي جميعت المشائخ پاڪستان جو صدر ۽ پير غلام معين الدين تونسه شريف کي نائب صدر چونڊيو ويو هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو